SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي غير حڪومتي تنظيمون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي غير حڪومتي تنظيمون

International Non-Governmental Organizations INGOs

انٽرنيشنل نان گورنمينٽل آرگنائيزيشنس

هي تنظيمون غير منافعي بخش گهڻ قومي تنظيمون آهن، ان ڪري گهڻ قومي ڪارپوريشنون (MNCs) انهن کان مختلف آهن. ڇاڪاڻ ته اهي گهڻي قدر منافعي بخش ۽ پنهنجي ادارتي ترقيءَ تي ڌيان ڏين ٿيون. هي بين الاقوامي تنظيمون تجارتي، اقتصادي، ماحولياتي، فن ۽ حرفت، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم وغيره جي شعبن ۾ ڪم ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ اهي تنظيمون مُختلف ملڪ ئي جوڙين ٿا، پر انهن ملڪن جا نمائندا غير حڪومتي آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه حڪومتي نمائندن کي به انهن تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، پر پوءِ به اڪثريت غير حڪومتي نمائندن جي هوندي آهي. هنن تنظيمن وٽ پنهنجو ڌار سيڪريٽريٽ هوندو آهي. جنهن ۾ حڪومتن کان ٻاهر جا بين الاقوامي نمائندا ڀرتي ڪيا وڃن ٿا. هن قسم جي تنظيمن جي نمائندگي ”گرين پيس“ ۽ ”ايمنيسٽي انٽرنيشنل“ جهڙيون تنظيمون ڪن ٿيون. هن قسم جي تنظيمن جي شروعات 1839ع کان ٿي ، پر پهرين باقاعده تنظيم ”روٽري انٽرنيشنل“ جي نالي سان قائم ٿي هئي. 1914ع تائين اهڙين تنظيمن جو انگ هڪ هزار کان مٿي ٿي ويو. غلاميءَ جي خاتمي ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ جي حوالي سان، ويهين صديءَ ۾ هنن تنظيمن جو تعداد تمام گهڻو وڌيو آهي. هنن تنظيمن جا خيراتي، خدمتي، سهڪاري ۽ اختياري وغيره سميت ٻيا ڪيترائي قسم آهن


Remember Me Also:

جنوهر

ذ. [ف. جوهَر] جوهَرُ . جنهور ، رُوح ، عَرق ، سَتُ. ترار جي ڦَرُ جو پاڻي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal